”ٽرانس جينڊر“ ۽ خواجه سرا ۾ فرق کي سمجهڻو پوندو: ماريا بي

مشهور فيشن ڊيزائنر ماريا بي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستاني سياستدان ۽ ماڻهن کي ”ٽرانسجينڊر“ ۽ خواجه سرا ماڻهن ۾ فرق کي سمجهڻو پوندو.

هن پنهنجي ڀينر ناجيا ۽ عافيا سان گڏ هڪ انسٽاگرام تي وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ ٽئي ڀينر ان موضوع تي ڳالهائي رهيون آهن ته ٽرانجينڊر ۽ خواجه سرا ۾ فرق بابت ماڻهن کي ڄاڻ ئي ناهي.

هنن چيو ته ماڻهن کي خبر هجڻ گهرجي ته ٽرانسجينڊر خواجه سرا ناهن هوندا.

ماريا بي چيو آهي ته خواجه سرا قدرتي ۽ پيدائشي مسئلن جو شڪار هوندا آهن جن کي مخنث چيو ويندو آهي ۽ انگريزيءَ ۾ کين انٽرسيڪس ڪوٺيو ويندو آهي.

Read Previous

” ڪراچي وارن پاڻ ملهايو، هاڻي لاهور وارن جو وارو آهي“

Read Next

ڏينهن جو چنڊ نظر اچڻ جي اصل حقيقت ڇا آهي؟ ڄاڻي وٺو

Most Popular