ڏينهن جو چنڊ نظر اچڻ جي اصل حقيقت ڇا آهي؟ ڄاڻي وٺو

رات جي وقت آسمان تي چنڊ ئي سڀ کان روشن هوندو آهي ۽ ان جي روشني روح راحت بخشيندڙ به هوندي آهي.

ان جو ڪارڻ اهو آهي ته رات جي وقت اسان زمين جي جنهن جاءِ تي موجود هوندا آهيون ان جو رخ سج جي ڏانهن ناهي هوندو ۽ انڪري ئي رات جو سج نظر ناهي ايندو ۽ ان جي جاءِ جڳمڳائيندو آهي.

پر ڇا اوهان ڪڏهن غور ڪيو ته ڪيئي ڀيرا اسان کي ڏينهن جو پڻ چنڊ آسمان تي نظر ايندو آهي؟

هونئن اهو ڄاڻي وٺو ته چنڊ هر وقت ئي آسمان تي موجود هوندو آهي پر سج جي ڪري اهو اسان کي نظر ناهي ايندو.

پر هر مهيني دوران ڪجهه ڏينهن اهڙا به هوندا آهن جڏهن ٽپهري مهل پڻ چنڊ نظر ايندو آهي، ها پر اهو ڪڏهن مڪمل صورت  ۾ هوندو آهي يا اڌ نظر ايندو آهي ته ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟

جيئن ته اوهان کي اها خبر هوندي ته چنڊ اسان جي زمين جي چوڌاري چڪر لڳائيندو آهي ۽ زمين سج جي چوڌاري ڦرندي آهي.

ان جي نتيجي ۾ آسمان تي چنڊ ۽ سج جي پوزيشنز بدلجنديون رهنديون آهن، ان دوران مهيني ۾ هڪ ڀيرو ئي چنڊ جو روشن رخ مڪمل طور سج ڏانهن هوندو آهي جيڪو سڄي چنڊ جي صورت ۾ اسان کي نظر ايندو آهي.

يعني ان وقت چنڊ سج لهڻ کانپوءِ ظاهر ٿي ويندو آهي يا صبح ان جي ابتڙ ٿي ويندو آهي.

Read Previous

”ٽرانس جينڊر“ ۽ خواجه سرا ۾ فرق کي سمجهڻو پوندو: ماريا بي

Read Next

سنڌو درياءَ جي بچاء بند تي ويٺل ٻوڏ متاثرين جي به ڪنھن به ڪا سار نه لڌي آھي

Most Popular