ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غضنفر علي قادري جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي گذري

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غضنفر علي قادري جي صدارت هيٺ تازين شديد برساتن جي دوران ضلعي ٺٽي ۾ ٿيندڙ نقصانن جي سروي ڪرڻ سميت اسڪولن جي بحالي، دوائن جي موجودگي، مليريا اسپري بابت گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ ضلعي جي تمام اسسٽنٽ ڪمشنرن ، پاڪ فوج، صحت، تعليم ،ايجوڪيشن ورڪس ،ميونسپل، ٽائون ايڊمنسٽريٽرز ۽ يوسيز سيڪريٽريز کان علاوه لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي- گڏجاڻي ۾ تازو مون سون جي برساتن ۽ ٻوڏ جي سبب پوري ضلعي ۾ گھرن، زرعي زمينن ۽ ٻي انسفراسٽريڪچر کي پھچندڙ نقصانن جي سروي ۽ لاڳت لڳائڻ لاءِ واسطيدار کاتن جي عملدارن تي مشتمل گڏيل سروي ٽيمون جوڙيون ويون ۽ اسڪولن جي بحالي، مليريا اسپري، ڪتا مار مهم سميت تمام صحت مرڪزن ۾ دوائن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ بابت پڻ خيالن جو اظهار ڪيو ويو – ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر تمام کاتن جي عملدارن کي سختي سان ھدايت ڪئي ته ھو جلد کان جلد گھرن، فصلن، زرعي زمينن ۽ ٻين انسفراسٽريڪچرز کي ٿيندڙ نقصانن جي سروري جو ڪم مڪمل ڪري ھڪ جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جيئن وڌيڪ حڪمت عملي جوڙي متاثرين جي امداد، بحالي، تعليمي سرگرمين، صحت جي سھولتن ۽ ٻين انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي سگهجن –

Read Previous

سنڌو درياءَ جي بچاء بند تي ويٺل ٻوڏ متاثرين جي به ڪنھن به ڪا سار نه لڌي آھي

Read Next

روزاني آس ۾ شڪايتن جو خبرون شايع ٿيڻ کان پوء پنوعاقل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر تي اسسٽنٽ ڪمشنر غلام مرتضی پھتو،انتظامن کي ڏسي حيرانگي جو اظھار ڪري ڇڏيو

Most Popular