سنڌو درياءَ جي بچاء بند تي ويٺل ٻوڏ متاثرين جي به ڪنھن به ڪا سار نه لڌي آھي

نوشهرو فيروز (ڊر) سنڌو درياءَ جي بچاء بند تي ويٺل ٻوڏ متاثرين جي به ڪنھن به ڪا سار نه لڌي آھي، ڪيترائي معصوم ٻارڙا توڙي وڏا بيمارين ۾ وٺجي وئي آھي. متاثر عورتن مومل سولنگي ۽ راڻي سولنگي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا ننڍڙا ٻچا بکن تي ويٺا آھن راشن نه مليو آھي ڪيترائي معصوم ٻارڙا ۽ وڏا بيمارين جي ور چڙي ويا آھن پر ڪنهن به سار ناهي لڌي، راشن دوائون من پسند ماڻهن کي ڏنيون ويون آھن. اسان وزيراعلي سنڌ ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز کي اپيل ٿيون ڪيون ته اسان بچاء بند تي ڪيئمپ تي ويٺل آھيون اسان کي راشن ۽ معصوم ٻارڙن جو علاج ڪرائي ڏنو وڃي

Read Previous

ڏينهن جو چنڊ نظر اچڻ جي اصل حقيقت ڇا آهي؟ ڄاڻي وٺو

Read Next

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غضنفر علي قادري جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي گذري

Most Popular