سائفر آڊيو ليڪس، عمران خان ۽ سندس ساٿين جو گهيرو تنگ

وفاقي ڪابينا سفارتي سائفر بابت ليڪ ٿيندڙ آڊيوز تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، سندس ساٿي وزيرن ۽ اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان خلاف قانوني ڪارروائي جي باضابطا طور منظوري ڏئي ڇڏي.

ڪابينا ”ڊپلوميٽڪ سائفر“ بابت آڊيو ليڪ تي ايف آءِ اي ذريعي جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جي منظوري ڏني آهي، ڪابينا 30 سيپٽمبر تي عمران خان جي سائفر بابت آڊيو ليڪ تي ڪابينا ڪميٽي جوڙي هئي، ڪابينا ڪميٽي پهرين آڪٽوبر تي اجلاس ۾ قانوني ڪارروائي جي سفارش ڪئي.

ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن کي سمري جي شڪل ۾ ڪابينا جي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ وفاقي ڪابينا ”سرڪوليشن“ ذريعي ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏني.

Read Previous

روزاني آس ۾ شڪايتن جو خبرون شايع ٿيڻ کان پوء پنوعاقل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر تي اسسٽنٽ ڪمشنر غلام مرتضی پھتو،انتظامن کي ڏسي حيرانگي جو اظھار ڪري ڇڏيو

Read Next

عورت جج کي ڌمڪيءَ جو ڪيس: عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور

Most Popular