عورت جج کي ڌمڪيءَ جو ڪيس: عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور

ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ٿي وئي.

عمران خان طرفان گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ ۽ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست بابر اعواڻ ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي وئي، جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌڻي ڪئي.

عدالت عمران خان کي 10 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ ۽ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي 7 آڪٽوبر تائين سندس حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.

واضح رهي ته عورت جج کي ڌمڪي جي ڪيس ۾ گذريل ڏينهن عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا.

Read Previous

سائفر آڊيو ليڪس، عمران خان ۽ سندس ساٿين جو گهيرو تنگ

Read Next

فٽبال ميچ دوران ڇڪتاڻ، 125 ڄڻا فوت ٿي ويا

Most Popular