شهزادي وليم جي پٽ تنگ ڪندڙ ڪلاس فيلوز کي ڪهڙي ڌمڪي ڏني؟

شهزادي وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن جي 9 ورهين جي پٽ شهزادي جارج تنگ ڪندڙ ڪلاس فيلوز کي اهڙي ڌمڪي ڏئي ڇڏي جو ٻڌي توهان کلڻ تي مجبور ٿي ويندئو!

پرڏيهي ميڊيا موجب شهزادي جارج پنهنجي ڪلاس فيلوز کي ڌمڪي ڏني ته توهان جي لاءِ بهتر هوندو ته محتاط رهو، ڇو ته هڪ ڏينهن منهنجو پيءُ ملڪ جو بادشاهه بڻجي ويندو.

شهزادي جارج بابت اها ڳالهه نئين ڪتاب ”دي نيورائلز-ڪوئين الزبٿس ليگيسي اينڊ دي فيوچر آف دي ڪرائون“ ۾ ليکڪ نڪول طرفان ٻڌائي وئي آهي.

رپورٽ موجب شهزادو جارج پاڻ به برطانوي تاج جي قطار ۾ ٻئي نمبر تي آهي، راڻي الزبٿ (ٻي) جي موت کانپوءِ چارلس ٽيون بادشاهه بڻجي چڪو آهي.

ان کانپوءِ شهزادي جارج جو پيءُ شهزادو وليم بادشاهه بڻجندو ۽ پوءِ پاڻ جارج جو وارو ايندو.

Read Previous

شيخ رشيد سپريم ڪورٽ کان سائفر جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

عمران خان پڪڙجڻ جي خوف کان سائفر ئي گم ڪري ڇڏيو: مريم نواز

Most Popular