شيخ رشيد سپريم ڪورٽ کان سائفر جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ سائفر جي جاچ نه ڪندي ته حالتون ڳنڀير ٿي سگهن ٿيون.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته عمران خان جي نااهلي ۽ گرفتاري سان حڪمرانن کي ڪجهه نه ملندو، گهٽ عقل وارا حڪمران هر قدم پنهنجي خلاف پيا کڻن

هن چيو ته ٻن هفتن کان بلاول ڀٽو آمريڪا ۾ مزا ڪري رهيو آهي، ان کي سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي ڳڻتي ناهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي سياسي مستقبل جو فيصلو هاڻ اعليٰ عدالتن سان جڙيل آهي، 4 آڪٽوبر تي نيب ترميمن جي ڪيس جي ٻڌڻي به اهم آهي.

هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن عمران خان جي سڏ تي فيصلو چوڪ تي ٿيڻو آهي ته پوءِ ٻُهارو ڦري ويندو.

شيخ رشيد چيو ته عوام جي مسئلن سان ڊيل جي ضرورت آهي چورن سان نه، آڪٽوبر اهم آهي، 15 نومبر تائين اهم سياسي فيصلا ٿي ويندا.

.

Read Previous

فٽبال ميچ دوران ڇڪتاڻ، 125 ڄڻا فوت ٿي ويا

Read Next

شهزادي وليم جي پٽ تنگ ڪندڙ ڪلاس فيلوز کي ڪهڙي ڌمڪي ڏني؟

Most Popular