عمران خان جي معافي قبول، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ختم ڪري ڇڏيو

عمران خان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج زيبا چوڌري بابت ڏنل بيان تي عمران خان جي معافي قبول ڪندي سندس خلاف توهين عدالت جو نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو.

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي منجهند اڍائي وڳي مقرر هئي پر عمران خان ڪجهه منٽن جي دير سان پهتو، ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ڪئي.

ٻڌڻي جي منڍ ۾ عمران خان جي وڪيل حامد خان چيو ته اسان حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان حلفي بيان ڏٺو آهي.

چيف جسٽس، عمران خان خلاف توهين عدالت جو نوٽيس ڊسچارج ڪندي ريمارڪس ڏنا ته عمران خان جو حلفي بيان ڏٺو آهي، عمران خان جي ڪنڊڪٽ مان مطمئن آهيون، هن نيڪ نيتي ثابت ڪئي ۽ معافي گهرڻ لاءِ جج وٽ ويو.

عدالتي مددگار ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان اعتراض واريندي چيو ته عمران خان حلفي بيان ۾ غير مشروط معافي نه گهري، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان پنهنجي درخواست لکت ۾ پيش ڪيو، اسان تفصيلي فيصلي ۾ ان کي شامل ڪري ڇڏينداسين.

Read Previous

ڊالر سستو ٿيڻ تي گاڏين جا اگهه وڏي پئماني تي گهٽجي ويا

Read Next

قومي مفادن سان کيڏندڙ عمران خان قانون کي منهن ڏيندو: وزيراعظم

Most Popular