قومي مفادن سان کيڏندڙ عمران خان قانون کي منهن ڏيندو: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سڳ سوڌو پڪڙجندڙ چور هاڻ ادارن کي بدنام ڪري پنهنجي ڏوهه جي سزا کان بچڻ چاهي ٿو.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي سائفر جي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهو سازشي عوام کانپوءِ هاڻ ادارن ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي سازش ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته سفارتي سائفر ۾ تبديلي ڪري قومي سلامتي سان کيڏيو ويو، هاڻ قانون کي منهن ڏيڻو پوندو، قومي مفادن سان کيڏندڙ قانون کي جواب ڏيندا.

سندس چوڻ هو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، مقبول هجڻ جو مطلب قانون کان مٿانهون ٿيڻ ڪيئن ٿي ويو؟ توهان جي آڊيو ليڪس پاڪستان جي مفادن خلاف سنگين سازش وائکي ڪري ڇڏي.

Read Previous

عمران خان جي معافي قبول، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ختم ڪري ڇڏيو

Read Next

لانگ مارچ جو سڏ اچڻ وارو آهي: عمران خان

Most Popular