حالتون سنگين آهن، پيوٽن جي ايٽمي هٿيارن جي استعمال واري ڌمڪي مذاق ناهي: بائيڊن

U.S. President Joe Biden addresses the 76th Session of the U.N. General Assembly in New York City, U.S., September 21, 2021. REUTERS/Eduardo Munoz/Pool

 آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي 1962ع جي ڪيوبن ميزائل ڪرائسز بعد پهريون ڀيرو ايٽمي هٿيارن جي استعمال جو خطرو انتها تي پهچي چڪي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر جو ڊيموڪريٽس ميمبرن سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته يوڪرين ۾ وڏي سيٽ بيڪ کانپوءِ روس جي صدر والاديمير پيوٽن جڏهن ٽيڪٽيڪل ايٽمي هٿيارن، بائيولوجيڪل هٿيارن ۽ ڪيمائي هٿيارن بابت ڳالهائي ٿو ته هو مذاق نه پيو ڪري، آمريڪا روسي صدر جي ايٽمي ويڙهه جي طريقن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

صدر بائيڊن جو چوڻ آهي ته 1962ع ڪيوبن ميزائل ڪرائسز کانپوءِ پهريون ڀيرو اسان کي سڌو سنئون ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي ڌمڪي ڌني وئي آهي، جيڪڏهن حالتون ائين رهيون ته اهي استعمال به ٿي سگهن ٿا.

Read Previous

ٽي ملڪي سيريز : بابر جي بلاسٽر اننگز، پاڪستان جي مسلسل ٻي فتح

Read Next

ملالا کي پاڪستاني فلم جو حصو بڻايو ويو

Most Popular