ملالا کي پاڪستاني فلم جو حصو بڻايو ويو

UNSPECIFIED – MAY 16: In this screengrab, Malala Yousafzai speaks during Graduate Together: America Honors the High School Class of 2020 on May 16, 2020. (Photo by Getty Images/Getty Images for EIF & XQ)

نوبيل انعام ماڻيندڙ پاڪستاني ملالا يوسفزئي کي پاڪستاني اڪيڊمي سليڪشن ڪاميٽي پاران آسڪر ايوارڊز لاءِ چونڊيل پاڪستاني فلم”جوائي لينڊ“ جي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

سرمدکوسٽ فلمز جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي ملالا يوسفزئي کي فلم ”جوائي لينڊ“ جي ٽيم ۾ ايگزيڪيٽو پروڊيوسر طور شامل ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان ملالا يوسفزئي چيو آهي ته فلم جوائي لينڊ کيس دعوت ڏني آهي ته هو ويجهو رهندڙ ماڻهن لاءِ پنهنجون اکيون کولين، پنهنجي خاندان جي ممبرن ۽ دوستن جي توقع ۽ معاشرتي تعصب کان پري ٿي کين ايئن ڏسن جيئن آهن.

واضح رهي ته تازو عالمي ايوارڊ ماڻيندڙ پاڪستاني فلم ”جوائي لينڊ“ کي پاڪستاني اڪيڊمي سليڪشن ڪاميٽي آسڪرايوارڊز لاءِ چونڊ ڪئي آهي.

فلم ”جوائءِ لينڊ“ جو پريميئر هلندڙ سال فرانس ۾ ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ٿيو جتي ان کي خوب ساراهيو ويو ۽ اتي ”جيوري ايوارڊز“ ۽ ”ڪوئير ايوارڊز“ ماڻيا.

فلم جي ڪهاني ٽرانسجيندڙز جي زندگي تي ٻڌل آهي جڏهن ته جواءِ لينڊ جي ڪاسٽ ۾ علي جونيجو، راستي فاروق، علينا خان، ثانيا سعيد، ثروت گيلاني، سهيل سمير ۽ سلمان پير شامل آهن.

Read Previous

حالتون سنگين آهن، پيوٽن جي ايٽمي هٿيارن جي استعمال واري ڌمڪي مذاق ناهي: بائيڊن

Read Next

پابندي پيل فنڊنگ تي عمران خان سوڌو ٻين خلاف ڪيس داخل

Most Popular