صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو پاران پنهنجي تڪ جو دورو, رپيئرنگ روڊ اسڪيم جو افتتاح

سلطانپور (رپورٽ ضميرحسين انڍڙ)

صوبائي وزير برائي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۽ انڊسٽريز ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو پاران پنهنجي تڪ جو دورو ڪيو ويو،

سندس ڪوٽا مان منظور ٿيل رپيئرنگ روڊ اسڪيم مڪمل ٿيڻ جو افتتاح ڪيو،

يوسي جوڻاس جي ڳوٺن ميان ڀورل انڍڙ، بادو خان شر، شهمير انڍڙ، فتح علي انڍڙ، عارب واگهو، چوڌري لعل، واگها چونڪي جي 10 ڪروڙ جي لاڳت سان 7 ڪلوميٽر روڊ جي مرمت وارو ڪم مڪمل ٿيڻ جو افتتاح ڪرڻ بعد ڳوٺ فتح علي انڍڙ ۾ حافظ خدابخش انڍڙ جي ميزباني هيٺ افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي ،
جنهن ۾ سندس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ کيس سنڌ جي ثقافت پڳ جو تحفو پيش ڪيو ويو،

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ” ترقياتي ڪم مڪمل ٿيڻ تي منهنجي طرفان افتتاح ڪرڻ منهنجي لاءِ خوشي جو باعث آهي، مان پنهنجي تڪ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ۽ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، هميشه تڪ جي عوام سان رابطہ رهيو آهي ۽ آئندہ به رابطہ مهم جاري رهندي،

پنهنجي تڪ ۾ رهجي ويل ڳوٺن ۾ به تمام جلد ترقياتي ڪم شروع ڪرايا ويندا، ۽ بند پيل اسڪول پڻ کولرايا ويندا ته جيئن غريب ماڻهن جا ٻار پڙهي سگهن
هن چيو ته پڙهيا لکيا بيروزگار نوجوان نوڪرين حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيسٽ ڪليئر ڪن ته کين نوڪريون ڏنيون وينديون،
پنهنجي تڪ جي عوام جا جيڪي جائز مطالبا آهن سندن مسئلا حل ڪيا ويندا "

واضح رهي ته تڪ جي مختلف ڳوٺن جي معززین پاران سندن ڳوٺن ۽ علائقن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جون به پڻ شڪايتون ڪيون ويون، جنهن تي هن کين خاطري ڪرائيندي چيو ته تمام جلد مسئلا حل ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو ويندو،

ان موقعي تي سندس سان ڄام غلام قادر ڌاريجو، ايڊمنسٽريٽر عبدالله جھلڻ، ميان عبدالقوي انڍڙ ، غلام حيدر جهلڻ، رفيق احمد سومرو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

Read Previous

حضرت عبدالله شاھ اصحابي جي سالياني 384 ھين عرس جي موقعي تي ٺٽي ضلعي اندر عام موڪل جو اعلان

Read Next

ميرپورماٿيلو ۾ هندو برادري پاران هولي جو تهوار وڏي عقيدت احترام، وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو

Most Popular