ميرپورماٿيلو ۾ هندو برادري پاران هولي جو تهوار وڏي عقيدت احترام، وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو

گهوٽڪي(رپورٽ؛ جلال بوزدار) سڄي دنيا جيان ميرپورماٿيلو ۾ به هندو برادري پاران هولي جو تهوار وڏي عقيدت احترام، وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي تفصيل موجب سڄي دنيا جيان ميرپورماٿيلو ۾ به هندو برادري پاران هولي جو تهوار وڏي عقيدت احترام، وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي ان موقعي هندو برادري پاران هڪ ٻي کي رنگ هڻي جهمريون پائي خوشي جو اظهار ڪيو ويو ان موقعي تي هندو برادري جي نوجوان راجيش ڪمار، اجيت ڪمار، ڀڄن لعل، سريش ڪمار، جگديش ڪمار ۽ ميڊيا کي ٻڌايو ته هولي جو تهوار وڏي جوش وخروش سان ملهائيندا آهيون، هن تهوار تي مسلمان ڀائر به اسان سان گڏجي خوشي ۾ شامل هوندا آهن، هي تهوار عيد جيان هوندو آهي، هن ڏينهن تي ملڪ جي سلامتي ، بقا، خوشحالي، ترقي لاءِ خاص پوڄا پاٺ ڪئي ويندي آهي، ۽ هن ڏينهن تي مختلف قسمن جا طعام تيار ڪري پاڙيسرين ڏي موڪليا ويندا آهن

Read Previous

صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو پاران پنهنجي تڪ جو دورو, رپيئرنگ روڊ اسڪيم جو افتتاح

Read Next

توشه خانا ڪيس : عمران خان جي گرفتاري 13 مارچ تائين ملتوي

Most Popular