اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه فيض حميد خلاف ڪيس نيب ڏانهن اماڻيو ويو

فيض حميد

اسلام آباد: اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس قومي احتساب بيورو ڏانهن موڪليو ويو.

نيب راولپنڊي ذريعن موجب نيب راولپنڊي آفيس کي ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي انڪم ٽيڪس رڪارڊ ۽ چکوال سان تعلق رکندڙ ڪجهه نامعلوم ماڻهن جي دستخط جي مڪمل تفصيلن سان ٻن صفحن تي ٻڌل شڪايت ملي آهي، جنهن ۾ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ خلاف انڪوائري شروع ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي جي نيب فائل تي غور ڪيو ۽ پنهنجي سينيئرن سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيس واپس ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته لاڳاپيل اختيارين طرفان بيورو کي باضابطه درخواست ڪئي وڃي.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف به ان سموري واقعي کان آگاهه هو، هاڻي نئون چيئرمين نيب ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد بٽ مقرر ٿيڻ کانپوءِ امڪان آهي ته ملڪ جي اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه خلاف باضابطا ڪارروائي شروع ڪرڻ لاءِ ڪيس ٻيهر نيب ڏانهن اماڻيو ويندو.

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته جاچ ادارا اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف جاچ ڪري رهيا آهن، ڪيس جي اڳڀرائي بابت ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو.

Read Previous

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ تعميري ڳالهين لاءِ ٽياڪڙي لاءِ تيار آهيون، آمريڪا

Read Next

بارکان واقعو، عبدالرحمان کيتران ضمانت جي 10لک رپين عيوض ضمانت منظور

Most Popular