پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ چونڊن لاءِ فنڊز ۽ سيڪيورٽي ۾ ڏکيائيون پيش

اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي ضروري سهڪار جي حڪم باوجود گهرو وزارت ۽ ناڻي واري وزارت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن لاءِ سڪيورٽي ۽ فنڊز جي فراهمي ۾ ڏکيائين جي ڪجهه سببن کان اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪيو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ چونڊن جي تيارين بابت وزارتن جي اعليٰ عملدارن جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ناڻي ۽ گهرو سيڪريٽرين کي طلب ڪيو ويو ته اهي چونڊن لاءِ فنڊز ۽ سيڪيورٽي جي فراهمي کي يقيني بڻائين.

اليڪشن ڪميشن ناڻي واري سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ کي ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 65 ارب رپيا گهربل هوندا، جن مان 20 ارب رپيا پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن لاءِ فوري طور گهربل هوندا.

حامد يعقوب شيخ ٻڌايو ته هن وقت تائين رڳو 5 ارب رپيا اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪيا ويا آهن، باقي 15 ارب رپيا هلندڙ مالي سال ۾ گهربل آهن، اڃا تائين وصول نه ٿيا آهن.

رپورٽ موجب ناڻي واري سيڪريٽري ڪميشن کي ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال کان آگاهه ڪيو.

هن چيو ته وزارت لاءِ گهربل فنڊ فراهم ڪرڻ مشڪل آهي پر هن واعدو ڪيو ته وفاقي حڪومت سان مشاورت بعد حتمي جواب ڏيندو.

اجلاس کان واقف ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري سيڪريٽري وضاحت ڪئي ته ملڪ غير معمولي معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام تحت آهي ۽ مالياتي نظم و ضبط برقرار رکڻ ۽ خساري کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت هدف آهن.

Read Previous

بارکان واقعو، عبدالرحمان کيتران ضمانت جي 10لک رپين عيوض ضمانت منظور

Read Next

سپريم ڪورٽ ۾ صدر عارف علوي جي نااهلي لاءِ درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

Most Popular