آدم شماري تي وفاق سنڌ حڪومت جا خدشا ختم نه ڪيا ته نتيجن کي نه مڃينداسين : شرجيل ميمڻ

سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته سمورين سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي کي ڊيجيٽل آدم شماري جي عمل تي اعتماد هجي: صوبائي وزير

نمبر ون چور،منافق ۽ ڌاڙيل کي صادق امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو: شرجيل ميمڻ

ثاقب نثار غير آئيني ۽ قانوني ڪمن جي سينچري مڪمل ڪئي، ان جي خلاف جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس اماڻيو وڃي، شرجيل انعام ميمڻ جي پريس ڪانفرنس

ڪراچي : سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڊيجيٽل آدم شماري تي پنھنجن خدشن بابت وفاقي حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اسان جا خدشا ختم نه ٿيا ته ڊيجيٽل آدم شماري جي نتيجن کي نه مڃينداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته سمورين سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي کي ڊيجيٽل آدم شماري واري عمل تي اعتماد هجي ۽ هڪ،هڪ شخص کي ڳڻيو وڃي، هر خاندان جي سربراهه کي خبر هجي ته جيڪڏهن ھن پنهنجي خاندان جا 10 ماڻهو لکرايا آهن ته اھي ڊيٽا ۾ شامل هجن، هن چيو ته ڊيجيٽل آدم شماري جو ڊيٽا سنڌ حڪومت سان گڏ پڻ شيئر ڪيو وڃي. هن چيو ته ڊيجيٽل آدم شماري ۾ غيرقانوني طور رهڻ وارن سميت سمورن ماڻهن کي ڳڻيو وڃي ته جيئن درست انگ اکر سامهون اچن ته سنڌ ۾ ڪيترا ماڻهو رهن ٿا ۽ اھي ڪيترا وسيلا استعمال ڪن ٿا ، اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ۾ جمعي ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊيجيٽل آدم شماري تي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي، اهڙي طرح وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پڻ وفاقي حڪومت ۽ مختلف فورمز تي هي معاملو کنيو آهي، ھن چيوته وفاقي حڪومت سان ڊيجيٽل آدم شماري تي زوم اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ منصوبا بندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا، کين سنڌ حڪومت جي تحفظات جي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي اسان کي وفاق جي جواب جو انتظار آهي ته جيئن ڪو ابھام نه رھي. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته ڪالهه سنڌ ڪابينا جو 8 ڪلاڪ ڊگھو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف پهچايو وڃي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت اڳم ئي پنھنجا خرچ گھٽائي ڇڏيا آهن. ھن چيو ته روزانو واھپي جي شين جي اگھن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ بيورو آف سپلائي اينڊ پرائسز کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مئجسٽريٽ جي اختيارن تحت بيورو آف سپلائي جي آفيسرن کي شين ۾ غير ضروري اضافي ۽ ھٿ ٺوڪي مهانگي ڪرڻ تي گرفتار ڪرڻ ۽ ڏنڊ وجھڻ جا اختيار حاصل هوندا. جيڪڏهن غير ضروري طور تي ڪوئي به قيمتون وڌائيندو ته ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. صوبائي وزير چيو ته عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ غريب علائقن ۾ بچت بازاريون لڳايون وينديون. هن چيو ته پنجاب ۽ بلوچستان جي بارڊر تي ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هي گڏيل آپريشن پنجاب پوليس، بلوچستان پوليس، رينجرز جي مدد سان ڪيو ويندو ۽ ضرورت پوڻ تي پاڪستان آرمي جون پڻ خدمتون حاصل ڪيون وينديون. هن چيو ته ڌاڙيل وٽ خطرناڪ ۽ جديد هٿيار آهن، ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت پوليس کي جديد هٿيار سان ليس ڪرڻ لاءِ فنڊز جي منظوري ڏني آهي ته جئين هو ڌاڙيلن سان مقابلو ڪري سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان ڪنهن ماڻهو، سياسي جماعت يا اداري جي خلاف ناهي وڙهي رهيو، عمران خان سازشن ۾ مصروف آهي ته پاڪستان کي ڪيئن نقصان پهنچائي ، ھن چيو تہ عمران خان ملڪ خلاف ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان معيشت سان راند ڪئي آهي. جڏهن موجوده حڪومت آئي ايم ايف سان معاهدن تي عملدرآمد لاءِ رابطو ڪيو ته عمران خان ۽ ان جي جماعت جي صوبائي حڪومتن جي وزيرن آئي ايم ايف کي پاڪستان جي مدد نه ڪرڻ جا پيغام ڏنا. پرڏيھي پاڪستانين کي پاڪستان رقمون موڪلڻ کان روڪيو ويو ته جئين پاڪستان ديواليا ٿي وڃي. هن چيو ته عمران خان پاڪستان کي ڊفالٽ ڏانهن ڌڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان عدليا کي ڌمڪايو، عدالتن تي چڙائي ڪئي ته جئين ان جي خلاف فيصلا نه اچن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جو خواب آهي ته ملڪ جو ڊان بڻجي وڃي ، سمورا ادارا ان جي ڪنٽرول۾ ھجن. هو بال ٺاڪري بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، صوبائي وزير چيو تہ عمران خان جي شڪل ۽ ڪرتوت بال ٺاڪري جهڙا ئي آهن. صوبائي وزير چيو ته عمران خان وٽ ڏنڊا بردار فورس آهي، اڄ به جڏهن بلوچستان پوليس زمان پارڪ پهتي ته ڏنڊا بردار فورس متحرڪ نظر آئي. هن چيو ته عمران خان کي بدنام زمانا دهشتگرد تنظيمن جي حمايت حاصل آهي. هن چيو ته سياسي ورڪر جي حيثيت ۾ لاهور ۾ پي ٽي آئي جي ڪارڪن جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيان ٿو . هن چيو ته عمران خان لاشن تي سياست ڪري رهيو آهي ، ان جو مقصد آهي ته وڌيڪ لاش ڪرن. جنهن ڪڏهن ڪنهن جي جنازي ۾ شرڪت ناهي ڪئي اهو لاهور ۾ فوت ٿيڻ واري ڪارڪن جي لاءِ مختلف شهرن ۾ پنھنجي پارٽي کي غائبانا جنازا نماز پڙهائڻ جون ھدايتون ڏئي رھيو آھي . هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چور نمبر ون، منافق نمبر ون ۽ ڌاڙيل نمبر ون کي صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو، جيڪا ملڪ سان وڏي زيادتي آهي. هن چيو ته ثاقب نثار غيرقانوني ۽ غيرآئيني ڪمن جي سينچري مڪمل ڪئي ۽ ان جي خلاف جوڊيشل ڪونسل ۾ ريفرنس موڪليو وڃي. هن چيو ته ثاقب نثار منهنجي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪري مان جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته اقليتن کي پاڪستان ۾ مڪمل آزادي حاصل آهي، ڪراچي يونيورسٽي جي واقعي جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا. سنڌ حڪومت شاگردن کي هولي ملهائڻ کان روڪڻ جي واقعي جو نوٽس ورتو آهي، معاملي جي تحقيقات جاري آهن

Read Previous

حيدرآباد : جشن بهار فلاور شو جو افتتاح

Read Next

پي ٽي آءِ ڪارڪن جو لاش اسپتال منتقل ڪندڙ جوابدار گرفتار

Most Popular