پي ٽي آءِ ڪارڪن جو لاش اسپتال منتقل ڪندڙ جوابدار گرفتار

علي بلال

لاهور: پوليس حراست ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن جي مبينا موت جي حوالي سان لاهور جي وارث روڊ تي ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن بابت چيو وڃي ٿو ته انهن علي بلال جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو هو.

علي بلال، جيڪو زيلي شاهه جي نالي سان پڻ مشهور آهي، اربع تي فوت ٿي ويو جڏهن پي ٽي آءِ پاران عدليه سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي.

شهر ۾ بعد ۾ قلم 144 لاڳو هئڻ سبب مظاهرين کي منتشر ڪرڻ جي ڪوشش دوران پوليس اهلڪارن سان چڪريون ٿيون.

پي ٽي آءِ جو الزام آهي ته علي بلال مبينا طور تي پوليس حراست ۾ تشدد سبب فوت ٿيو، جنهن بعد ٻن ڄڻن ڪار ۾ سوار سندس لاش سروسز اسپتال پهچايو.

جمعي جي شام پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جيڪي مبينا طور تي علي بلال کي اسپتال کڻي ويا.

پوليس ڪارروائي ڪندي ڪاري رنگ جي ڪار به هٿ ڪئي آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

آدم شماري تي وفاق سنڌ حڪومت جا خدشا ختم نه ڪيا ته نتيجن کي نه مڃينداسين : شرجيل ميمڻ

Read Next

حڪومت جا 128 ارب رپيا وصول ڪرڻ لاءِ صارفين کي گڏ بجليءَ جا ٻه جهٽڪا

Most Popular