آءِ ايم ايف پاڪستان سان ناانصافي ڪري رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي مالياتي فنڊ جي سخت موقف تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان انصاف نه ڪري رهيو آهي.

هڪ انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل سال جي تباهي واري ٻوڏ ۽ دهشتگردي سبب ملڪ بحرانن جي وڏي طوفان ۾ ڦاٿل هو، جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي بدصورت چهرو کڻي رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس پارٽي روينيو ڪليڪشن ۾ واڌ جي حمايت ڪري ٿي ۽ مڃي ٿي ته جيڪي خوشحال آهن انهن کي وڌيڪ ادا ڪرڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي گذريل 23 پروگرامن مان اسٽرڪچرل ٽيڪس ريفارمز حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، جنهن جو اسين حصو رهيا آهيون.

آءِ ايم ايف جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ بلاول پڇاڻو ڪيو ته ڇا واقعي وقت اچي ويو آهي ته اسان ٽيڪس پاليسي ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ بابت سوچيون، جڏهن اسان ان سطح تي ماحولياتي تباهي جو شڪار آهيون.

هن چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان انصاف نه ڪري رهيو آهي، افغانستان مان اولهه جي فوج جي واپسي ۽ اسان جي ملڪ اندر دهشتگرد ڪاررواين ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ هڪ لک نون پناهگيرن جو به معاملو آهي.

پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته عالمي قرض ڏيندڙ ادارو اهڙي وقت ۾ ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جڏهن ملڪ کي غريبن جي مدد لاءِ رقم جي ضرورت آهي.

هن چيو ته عوام کي چيو پيو وڃي ته جيستائين سندن ٽيڪس سڌارا مڪمل نه ٿيندا، تيستائين آءِ ايم ايف پروگرام ختم نه ڪنداسين.

بيجنگ سان لاڳاپن جي حوالي سان بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان جا چين سان سٺا اقتصادي لاڳاپا آهن، جيڪي جيو پوليٽيڪل واقعن جي ڪري سرخين ۾ به آهن.

هن چيو ته حڪومت هن مهيني جي شروعات ۾ اعلان ڪيل 1.3 بلين ڊالر جي قرض لاءِ بيجنگ جي ، خاص طور تي ٻوڏ جي نتيجي ۾تمام گهڻي شڪرگذار آهي.

Read Previous

حڪومت جا 128 ارب رپيا وصول ڪرڻ لاءِ صارفين کي گڏ بجليءَ جا ٻه جهٽڪا

Read Next

مهانگائي سالياني بنياد تي 25 هفتن جي بلند ترين سطح 42.27 سيڪڙو تي پهچي وئي

Most Popular