حڪومت جا 128 ارب رپيا وصول ڪرڻ لاءِ صارفين کي گڏ بجليءَ جا ٻه جهٽڪا

بجلي

حڪومت 128 ارب رپين جو اضافي بار وجهي بجلي صارفين کي ٻٽا جهٽڪا ڏئي ڇڏيا آهن، نيپرا سرچارج ۾ رپيو 80 پئسا اضافي جي درخواست تي 16 مارچ تي ٻڌڻي ڪندي.

آءِ ايم ايف جي شرطن مان هڪ کي پورو ڪرڻ تي 76 ارب رپيا سرچارج لاڳو ٿيندا، جڏهن ته 52 ارب رپيا ڊيفرڊ ادائگين تي لاڳو ٿيندا.

آءِ ايم ايف جي هڪ ٻي شرط پوري ڪندي وفاقي حڪومت بجلي جي صارفين تي 3 رپيا 39 پئسا في يونٽ اضافي سرچارج لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

پاور ڊويزن مارچ کان جون تائين 76 ارب رپيا وصول ڪرڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ڪل سرچارج 3.82 رپيا في يونٽ ٿي ويندو.

هن وقت بجلي استعمال ڪندڙ 43 پئسا في يونٽ سرچارج ادا ڪري رهيا آهن، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سرچارج ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي به لاڳو هوندو.

ٻيو بم صارفين تي گذريل سال ٻوڏ سبب دير ٿيل 52 ارب رپين جي وصولي جي صورت ۾ ڪيرايو ويو آهي.

نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب واهپيدارن کان 8 مهينن ۾ 14 رپيا 24 پئسا في يونٽ بجلي وصول ڪئي ويندي، ڪراچي جي رهواسين کي 9 رپيا 90 پيسا في يونٽ جو بار برداشت ڪرڻو پوندو.

Read Previous

پي ٽي آءِ ڪارڪن جو لاش اسپتال منتقل ڪندڙ جوابدار گرفتار

Read Next

آءِ ايم ايف پاڪستان سان ناانصافي ڪري رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular