پي ٽي آءِ وٽ رڳو هڪ ئي ايجنڊا آهي ته لاشن تي سياست ڪئي وڃي، شرجيل ميمڻ

شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وٽ رڳو هڪ ئي ايجنڊا آهي ته لاشن تي سياست ڪئي وڃي، فيصل واوڊا چيو ھو ته پي ٽي آءِ وارا لاش ڳولهي رهيا آهن.

بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته لاهور ۾ فوت ٿي ويل پي ٽي آءِ جي ڪارڪن جي موت واري معاملي تي پنجاب جي وڏي وزير ۽ آءِ جي پنجاب پريس ڪانفرنس ۾ حقيقتون ٻڌائي عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته عمران خان کي ڪنهن ٻئي کان نه پر ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته شاهه محمود قريشي مان خطرو آهي، عمران خان کي شاهه محمود قريشي تي نظر رکڻ گهرجي.

شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جي جهڙي شڪل آهي، اهڙي ئي زبان آهي، پي ٽي آءِ وارن وٽ ڪو ڪم ناهي ھوندو ته هو صرف گاريون ڏيڻ شروع ڪندا آهن.

صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان ناجائز طور تي اقتدار ۾ آيو، عمران خان احسان فراموش شخص آهي، جن کيس اقتدار جي ڪرسي تي ويهاريو، انهن خلاف ھن سازشون شروع ڪيون.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ملڪ خلاف سازشون ڪري رهيو آهي ۽ هڪ ملڪ اهو سڀ ڪجهه عمران خان کان ڪرائي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان جي سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي، عوام کي هاڻي سچ ڳالهائڻو پوندو.

صوبائي وزير چيو ته عمران خان کي ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ملي رهي آهي، ثبوت موجود آهن. عمران خان آءِ ايم ايف کي چوندو رهيو ته پاڪستان کي فنڊ نه ڏئي.

Read Previous

پنجاب حڪومت لاهور ۾ رينجرز طلب ڪري ورتي

Read Next

پي ٽي آءِ لاهور ۾ قلم 144 کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

Most Popular