پي ٽي آءِ لاهور ۾ قلم 144 کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

بابر اعواڻ

پي ٽي آءِ لاهور ۾ قلم 144 لاڳو ٿيڻ کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي ريلي تي قلم 144 لاڳو ڪرڻ غير قانوني آهي، چونڊ مهم تحريڪ انصاف جو آئيني حق آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي هدايت تي بابر اعواڻ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن قلم 144 تي عملدرآمد ختم ڪري.

درخواست جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت پي ايس ايل ميچ کي جواز بڻائي ريلي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، قلم 144 لاڳو ڪرڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي پيرا 15 جي ڀڃڪڙي آهي.

تحريڪ انصاف موجب ريلي ساڍي پنجين وڳي ختم ٿيندي، جڏهن ته پي ايس ايل جي ميچ ست وڳي شروع ٿيندي، ان کان اڳ پي ايس ايل دوران ڪنهن به شهر ۾ قلم 144 لاڳو نه ڪيو ويو هو.

ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته نگران حڪومت انتهائي غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پي ايس ايل کي عذر بڻائيندي نگران حڪومت ان تي پابندي لڳائي، جيڪو ٻن عدالتن جي کليل توهين آهي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ان ڪري اليڪشن ڪميشن چونڊون ممڪن بڻائڻ لاءِ قدم کڻي.

Read Previous

پي ٽي آءِ وٽ رڳو هڪ ئي ايجنڊا آهي ته لاشن تي سياست ڪئي وڃي، شرجيل ميمڻ

Read Next

عثمان خان پي ايس ايل جي تاريخ ۾ تيز ترين سينچري جو رڪارڊ قائم ڪري ورتو

Most Popular