اقرا عزيز ۽ ياسر حسين پنهنجي پٽ ڪبير حسين سان گڏ چڑیا گھر پهچي ويا

اداڪارا اقرا عزيز

پاڪستان جي مشهور نوجوان اداڪارا اقرا عزيز پنهنجي مڙس ياسر حسين ۽ پٽ ڪبير حسين سان زو ۾ لطف اندوز ٿي، هن تازيون خوبصورت تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون آهن.

اقرا عزيز شوبز انڊسٽري جي تمام بهترين ۽ دلڪش شخصيت آهي، هن کي پرڪشش ۽ قيمتي ڪپڙا پهريل هئا، انهن تصويرن ۾ هوءَ تمام پياري نظر اچي رهي هئي.

اقرا عزيز حسين هڪ پاڪستاني اداڪاره آهي، هن پنهنجي اداڪاري جي شروعات 2014ع ۾ فلم ”ڪسي اپنا ڪهين“ ۾ معاون ڪردار سان ڪئي.

اقرا عزيز هر ڊرامي سيريل ۾ لاجواب ۽ شاندار ڪم ڪندي آهي، سندس هر ڊرامو سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي چينل تي هٽ هوندو آهي.

اقرا عزيز سينيئر اداڪار ياسر حسين سان شادي ڪئي هئي، هو کانئس 13 سال وڏو آهي، اهي هڪ خوبصورت پٽ ڪبير حسين جا والدين آهن.

Read Previous

اسان جي مڙسن ۽ پٽن کي ذبح ٿيڻ لاءِ نه موڪليو: پيوٽن کي روسي زالن ۽ مائرن جو پيغام

Read Next

پاڪستاني شخصيتون عورتن جي پي ايس ايل ميچن کي سپورٽ ڪرڻ لڳيون

Most Popular