پاڪستاني شخصيتون عورتن جي پي ايس ايل ميچن کي سپورٽ ڪرڻ لڳيون

وومين ليگ

وومين ليگ ڪرائڻ جي منصوبي کانپوءِ پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل مشهور شخصيتن به عورتن جي ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسٽيڊيمز جو رخ ڪيو.

اسان جون مشهور شخصيتون حميما ملڪ ۽ ماورا حسين به عورتن جي ڪرڪيٽ کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ راولپنڊي ۾ اسٽيڊيم ۾ راند ڏسڻ لاءِ ويون.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وومين ليگ پڻ ڪرائڻ جو منصوبو جوڙي رهيو آهي، ايمازون ۽ سپر وومين وچ ۾ ٻه نمائشي ميچون کيڏيون ويون.

ايندڙ تجويز ڪيل ليگ جو حصو بڻجڻ لاءِ ڪيترون ئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽر به شامل ٿي ويون آهن.

عورتن جي ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ مداحن کي هڪ ٻيو ايونٽ ڏيسڻ لاءِ هي هڪ بهترين قدم آهي، هن سال مردن جي پي ايس ايل ۾ اسان ڪجهه وڏي اسڪور واريون ميچون ڏٺيون آهن، جن ۾ ٽي 20 سينچرين جي برسات ٿي رهي آهي.

ڪرڪيٽ ليگ کي سڄي دنيا جا مداح پسند ڪن ٿا، پي ايس ايل هڪ اهڙي ليگ آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ ڏٺو وڃي ٿي.

Read Previous

اقرا عزيز ۽ ياسر حسين پنهنجي پٽ ڪبير حسين سان گڏ چڑیا گھر پهچي ويا

Read Next

ارب پتي ايلون مسڪ وڌيڪ پئسا بچائڻ لاءِ ٽوئٽر جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو

Most Popular