توشه خانه ڪيس، عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ

عمران خان

اسلام آباد جي عدالت توشه خانه فوجداري ڪارروائي ڪيس ۾ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

سيشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه فوجداري ڪارروائي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته عمران خان جي وڪيل خواجا حارث دليل شروع ڪيا.

خواجا حارث عمران خان جي اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ واري فيصلي کان آگاهه ڪيو ۽ فوجداري ڪارروائي ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي اعتراض اٿاريو.

عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪندي خواجا حارث چيو ته ائين ناهي ته عمران خان ڄاڻي واڻي عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿئي پر سڪيورٽي خطرو آهي.

هن چيو ته اسان اسلام آباد ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون آهن، عمران خان تي حملو ٿيو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو هو.

وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو اڄ 3 وڳي 15 منٽن تي ٻڌايو ويندو.

Read Previous

ڀارت تيلگو فلم آر آر آر بهترين گيت لاءِ آسڪر ايوارڊ ماڻي ورتو

Read Next

اسان ايترا خوبصورت ناهيون جو ڪنهن حسن جي مقابلي ۾ تحفو کٽيو هجي، لاهور هائي ڪورٽ

Most Popular