توشه خانه فوجداري ڪارروائي ڪيس ۾ عمران خان جاضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ بحال

عمران خان

اسلام آباد سيشن عدالت توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال محفوظ فيصلو ٻڌائيندي عمران خان کي 18 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

پي ٽي آءِ چيئرمين جا اڄ ٻئي ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، ان کان اڳ عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ به پي ٽي آءِ چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

سيشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه فوجداري ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته عمران خان جي وڪيل خواجا حارث دليل شروع ڪيا.

عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪندي خواجا حارث چيو ته ائين ناهي ته عمران خان ڄاڻي واڻي عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿئي پر سڪيورٽي خطرو آهي.

هن چيو ته اسان اسلام آباد ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون آهن، عمران خان تي حملو ٿيو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو هو.

عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو بعد ۾ ٻڌائيندي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ بحال ڪري ڇڏيا.

Read Previous

عورت جج کي ڌمڪين وارو ڪيس: عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

Read Next

نور مقدم جي قاتل ظاهر جعفر جي موت واري سزا برقرار

Most Popular