عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان نٿا گهٻرايون، پاڻ عدالت ۾ پيش ٿئي، اعظم نذير تارڙ

اعظم نذير تارڙ

قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان گهٻرايون نٿا، کيس پاڻ کي پوليس حوالي ڪرڻ گهرجي ها.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته اعليٰ عدالتن کي اسڪيل برابر ڪرڻ گهرجن، ججن کي سوشل ميڊيا جي دٻاءَ کان مٿانهون سوچڻ گهرجي.

هن چيو ته جيڪڏهن نظام کي هلائڻو آهي ته سمورن ادارن کي پنهنجو ڪم ڪرڻو پوندو، اسان عمران خان جي گرفتاري کان نه ٿا ڊڄون ۽ نه ئي ڄاڻي واڻي سندس گرفتاري روڪي رهيا آهيون.

اعظم نذير تارڙ چيو ته عدالت ڪنهن کي گهرائي ٿي ته ان کي پيش ٿيڻ گهرجي، اسلام آباد پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وئي پر طاقت جو استعمال نه ڪيو.

هن چيو ته هي ملڪ هلندو ته عمران خان جي سياست هلندي، ماڻهن کي چور چوڻ سان پنهنجو پلئه صاف نٿو ڪري سگهجي.

Read Previous

نور مقدم جي قاتل ظاهر جعفر جي موت واري سزا برقرار

Read Next

مريم نواز بابت ٽوئيٽ، فواد چوڌري 17 مارچ تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم طلب

Most Popular