مريم نواز بابت ٽوئيٽ، فواد چوڌري 17 مارچ تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم طلب

فواد چوڌري

اسلام آباد جي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي نوٽيس جاري ڪندي 17 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي.

سائبر ڪرائم اسلام آباد جي رهواسي محمد هارون جي درخواست تي فواد چوڌري کي مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز خلاف ٽوئيٽ ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب فواد چوڌري کي 17 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ مريم نواز تي توشه خاني مان واچ وٺڻ جو ڪوڙو الزام لڳايو.

درخواستگذار موجب توشه خاني جي جاري رڪارڊ ۾ مريم نواز جي واچ وٺڻ جو ذڪر ناهي، فواد چوڌري خلاف ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ غير قانوني ٽوئيٽ تي ڪارروائي ڪئي وڃي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته مريم نواز جي ٽوئيٽر تي ڌمڪي جي ڪجهه ڪلاڪن اندر ايف آءِ اي منهنجي خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته هن ملڪ ۾ شهري حق مڪمل طور معطل ڪيا ويا آهن، ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جي خاموشي افسوسناڪ آهي.

Read Previous

عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان نٿا گهٻرايون، پاڻ عدالت ۾ پيش ٿئي، اعظم نذير تارڙ

Read Next

ملاله يوسفزئي جي دنيا جي سڀ کان وڏي ايوارڊ آسڪرز ۾ انٽري

Most Popular