وزيراعظم جو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ڊرائيورن کي سستو پيٽرول ڏيڻ جو فيصلو

Shehbaz Sharif Ijlas

Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif chairs a meeting on pro-poor initiative. Islamabad, 13th March, 2023.

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ڊرائيورن کي سستي پيٽرول فراهم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته رمضان المبارڪ دوران وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس دوران غريب ۽ وچولي طبقي کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ڊرائيورن لاءِ پيٽرول جي سستي تي به بريفنگ ڏني وئي، جنهن حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون، وزيراعظم پروگرام کي حتمي شڪل ڏئي جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

شهباز شريف چيو ته موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ڊرائيور معاشي طور ڪمزور طبقي سان تعلق رکن ٿا، حڪومت کين مهانگائي کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.

ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ۾ موٽرسائيڪل سوارن کي 25 کان 50 رپيا في ليٽر سستو پيٽرول ڏيڻ تي غور ڪيو ويو، حڪومت 150 ارب رپين جي سبسڊي ذريعي سستو پيٽرول فراهم ڪرڻ چاهي ٿي ۽ آءِ ايم ايف جي اعتراض کان بچڻ لاءِ سبسڊي جي رقم ڪار مالڪن کان وصول ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي.

اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته ڪار مالڪن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 300 کان 325 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وڃي ۽ موٽر سائيڪل سوارن لاءِ قيمت 225 کان 250 رپيا في ليٽر ڪئي وڃي، سستو پيٽرول فراهم ڪرڻ جو اڃا ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو، پر صارفين کي پري پيڊ ڪارڊ يا ڪيش ڏيڻ جا آپشن غور هيٺ آهن.

وزيراعظم هدايت ڪئي ته موٽرسائيڪل سوارن کي پيٽرول تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار رپيا ماهوار سبسڊي ڏني وڃي.

ذريعن موجب حڪومت آءِ ايم ايف ۽ ووٽرن سان گيم کيڏي رهي آهي ڇو ته نه ته آءِ ايم ايف تجويز جي حمايت ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪار مالڪ اضافي رقم ادا ڪرڻ تي راضي ٿيندا ۽ ٻٽي قدم کي عدالتن ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو.

وزيراعظم اسلام آباد ۾ رمضان المبارڪ دوران غريب ۽ وچولي طبقي کي مفت اٽو فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، منصوبي تحت اسلام آباد جي 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ دوران مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو.

وزيراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته هو رمضان المبارڪ دوران غريب ۽ وچولي طبقي جا مسئلا گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هن هدايت ڪئي ته مفت اٽي جي ورڇ کي شفاف بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي.

ان کانسواءِ لاهور ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ رمضان پيڪيج تحت مفت اٽي جي فراهمي بابت جائزو وٺڻ وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي، احمد چيما ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

پنجاب حڪومت پاران رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽي جي ورهاست جي پروگرام بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

شهباز شريف چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رمضان المبارڪ ۾ غريبن لاءِ مفت اٽي جي فراهمي لاءِ پيڪيج تيار ڪيو ويو آهي، مفت اٽي جي ورڇ کي شفاف طريقي سان يقيني بڻايو وڃي، اٽي جي فراهمي دوران چوري کي روڪڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪيو وڃي.

Read Previous

ڇا پاڪستان ۾ بجليءَ تي هلندڙ بسون هوا جي گدلاڻ گهٽائڻ لاءِ کوڙ آهن؟

Read Next

جج ڌمڪي ڪيس، عدالت عمران خان کي 16 مارچ تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

Most Popular