جج ڌمڪي ڪيس، عدالت عمران خان کي 16 مارچ تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

عمران خان

اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽس تي عملدرآمد 16 مارچ تائين روڪي ڇڏيو آهي.

ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني حڪم جاري ڪيا، عدالت عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ 16 مارچ تائين معطل ڪري ڇڏيا، جڏهن ته وڪيلن کي سيڪيورٽي واپس وٺڻ بابت دستاويز به عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ٻڌڻي دوران عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ چئلينج ڪرڻ تي ٻڌڻي ٿي، وڪيل نعيم پنجوٿا ۽ انتظار پنجوٿا ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني جي عدالت ۾ پيش ٿيا.

وڪيل انتظار پنجوٿا چيو ته عمران خان تي جيڪي شقون لڳايون ويون آهن، اهي سڀ قابل ضمانت آهن، جنهن تي جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ اڳ به جاري ٿيا هئا؟ وڪيل انتظار پنجوٿا چيو ته ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري نه ٿيا هئا.

عدالت عمران خان جي وڪيلن کي هدايت ڪئي ته هو عدالتي دستاويز درست ڪري پيش ڪن، ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 16 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.

Read Previous

وزيراعظم جو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ڊرائيورن کي سستو پيٽرول ڏيڻ جو فيصلو

Read Next

حڪومت صدر، وزيراعظم ۽ ٻين کي توشه خاني مان 300 ڊالرن کان وڌيڪ جا تحفا وٺڻ کان روڪي ڇڏيو

Most Popular