عمران خان جي گرفتاري: پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون، زمان پارڪ ميدان جنگ

عمران خان

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل نه ٿيڻ تي پوليس جي وڏي نفري زمان پارڪ پهچي وئي، جنهن دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو.

اسلام آباد پوليس جي ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري لاءِ عدالتي حڪمن جي عمل ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن کان لاهور ۾ موجود آهي.

پوليس پارٽي صبر جو مظاهرو ڪندي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو، جڏهن اهي عمران خان کي سندس رهائشگاهه کان 90 ميٽر پري گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اڳتي وڌيا.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت توشه خانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ بحال ڪري ڇڏيا هئا، جنهن بعد قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عدالتي حڪمن جي عمل ڪرڻ لاءِ زمان پارڪ ۾ موجود آهن.

گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف سربراهه جي مسلسل غير حاضري سبب مقامي عدالت طرفان جاري ڪيل عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي کيس 13 مارچ تي هيٺين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي هئي.

10 ڏينهن کان به گهٽ عرصي ۾ هي ٻيو ڀيرو آهي، جو پوليس هٽايل وزيراعظم کي گرفتار ڪرڻ لاءِ زمان پارڪ پهچي وئي آهي.

پارٽي ڪارڪنن جي پٿراءُ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڊي آءِ جي آپريشنز اسلام آباد شهزاد بخاري پوليس پارٽي جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي جنهن شهر جي پوش علائقي ۾ عمران خان جي گهر جو گهيرو ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي پوليس آفيسر چيو ته اسان وارنٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ آيا آهيون، ڪيس جا تفصيل ڄاڻون ٿا پر ڳالهه نٿا ڪري سگهون.

هڪ صحافي آفيسر کان سوال ڪيو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ کيس ڪيڏانهن وٺي ويندا؟ ان تي ڊي آءِ جي بخاري چيو ته پهريان کيس گرفتار ڪريون، پوءِ ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين.

Read Previous

نيڊ پرائس آمريڪي پرڏيهي ترجمان جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

Read Next

خيبر پختونخواه جي گورنر 28 مئي تي چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي

Most Popular