خيبر پختونخواه جي گورنر 28 مئي تي چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي

گورنر ڪي پي

خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي صدر عارف علوي سان مشاورت کانپوءِ ڪي پي ۾ 28 مئي تي چونڊن جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي دعوت تي خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي صدر هائوس پهتو ۽ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چونڊن جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ٻنهي وچ ۾ آئين جي آرٽيڪل 224 (2) ۽ پهرين مارچ تي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ چونڊن بابت اهم ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي تجويز ڏني ته لڳ ڀڳ 2 هفتا گذري ويا آهن، مونجهارن کان بچڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مشاورت سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب چونڊن جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي.

صدر عارف علوي زور ڀريو ته آئين مقرر وقت تي چونڊون ڪرائڻ کي لازمي قرار ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ تصديق ڪئي آهي، ان ڪري پارلياماني جمهوريت جي مضبوطي لاءِ مقرر وقت تي چونڊون ضروري آهن.

صدر سان ملاقات کانپوءِ گورنر حاجي غلام علي خيبرپختونخواهه ۾ 28 مئي جي چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي آهي.

Read Previous

عمران خان جي گرفتاري: پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون، زمان پارڪ ميدان جنگ

Read Next

اداڪارا زارا نور عباس ۽ اسد صديقي وچ ۾ ويڇا وڌي ويا

Most Popular