وفاقي حڪومت انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) گلگت بلتستان محمد سعيد وزير کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان آءِ جي گلگت بلتستان محمد سعيد کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
خيبرپختونخواهه جي 20 گريڊ جي پوليس آفيسر در علي خٽڪ کي گلگت بلتستان جو نئون آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي.