عمران خان کي رليف ئي ڏيڻو آهي ته پوءِ اهلڪارن جا مٿا نه ڦاڙايو، مريم اورنگزيب

مريم اورنگزيب

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گلگت بلتستان پوليس کي پنجاب پوليس ۽ رينجرز خلاف ڪري گهرو ويڙهه جي سازش ڪئي پئي وڃي.

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪو به تعلق ناهي.

هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي گرفتار ڪرڻو هو ته پوءِ رياستي طاقت به هئي ۽ اها طاقت به هئي جنهن کي عمران خان گذريل 4 سالن کان استعمال ڪري پنهنجي سياسي مخالفن کي جيلن ۾ بند ڪري ڇڏيو.

سڌ سماءَ واري وزير چيو ته عدالت وارنٽ جاري ڪري پوءِ رليف جو حڪم ڏئي ٿي، جيڪڏهن عدالت رليف ڏيڻ چاهي ٿي ته پوليس اهلڪارن جا مٿا نه ڦاڙايو، عمران خان ڪوڙو آهي، حفاظتي ضمانت ناهي.

مريم اورنگزيب چيو ته بزدل، پرڏيهي ايجنٽ، توشه خانا چور، واچ چور ۽ توهين عدالت جو جوابدار پوليس کان فرار آهي، گدڙ ٻارن ۽ عورتن کي ڍال بڻائي پناهه وٺي ٿو، عمران جي نالي سان خان نه لکو، گدڙ لکو، خان بهادر آهي ۽ ڪوڙ نٿو ڳالهائي، اهي معصومن جي حفاظت نٿا ڪن.

هن چيو ته پاڪستاني عوام کي خبر هجڻ گهرجي ته عمران خان پرڏيهي فنڊنگ، ٽرين ڪيس، توشه خاني ۽ زيبا جج توهين عدالت جي ڪيسن ۾ گهربل آهي.

Read Previous

خان صاحب کي سمجهايو ته ڪارڪن پيٽرول بم اڇلائين پيا، ياسمين راشد جي صدر سان مبينا ڳالهه ٻولهه

Read Next

گرفتاری وارنٹ برقرار، عمران خان کي حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم

Most Popular