گرفتاری وارنٹ برقرار، عمران خان کي حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد هائي ڪورٽ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ٽرائل ڪورٽ ۾ بيان حلفي جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ سربراهه جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ بيان حلفي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ٽرائل ڪورٽ مطمئن ٿي وڃي ته گرفتاري وارنٽ کي معطل ڪري سگهي ٿي، پر بيان حلفي داخل ٿيڻ تائين وارنٽ برقرار رهندا.

Read Previous

عمران خان کي رليف ئي ڏيڻو آهي ته پوءِ اهلڪارن جا مٿا نه ڦاڙايو، مريم اورنگزيب

Read Next

آءِ ايم ايف معاهدي جي سزا ملڪ ڀوڳي رهيو آهي، راڻا ثناءُ الله

Most Popular