لاڙڪاڻي جي هڪ ڪٽنب گينيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي

امير آزاد منگي

سنڌ سان تعلق رکندڙ ڪٽنب هڪ ئي ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ خانداني ميمبر پيدا ڪرڻ جو گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.

اهو منفرد ڪارنامو لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ عامر آزاد منگي ۽ سندس گهرواريءَ ڪيو آهي ۽ هڪ آمريڪي خاندان جي پنجن ڄڻن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، جيڪو 1966ع کان گينيز رڪارڊ موجود هو.

رڪارڊ هولڊر خاندان ۾ عامر آزاد منگي، سندس زال خديجه ۽ سندن 7 ٻار شامل آهن، جن ۾ ٻه جاڙا ٻار به شامل آهن.

امير آزاد منگي پهرين آگسٽ 1968ع تي، سندس زال پهرين آگسٽ 1973ع تي، سندن پهرين ڌيءَ سنڌو پهرين آگسٽ 1992ع تي، جاڙيون ڌيئرون سسئي ۽ سپنا پهرين آگسٽ 1998ع تي، پهريون پٽ عامر پهرين آگسٽ 2001ع تي، ٻيو پٽ امبر آگسٽ 1992ع تي ڄائو. 1 آگسٽ 2002 تي جاڙا پٽ امر ۽ احمر 1 آگسٽ 2003 تي پيدا ٿيا.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته امير آزاد منگي جي شادي جي سالگرهه ان ئي ڏينهن تي اچي ٿي، جيڪا سڄي ڪٽنب لاءِ هڪ اهم تاريخ بڻجي ٿي.

ٻار نه رڳو پنهنجي سالگره جو ڏينهن پنهنجي پيءُ سان شيئر ڪن ٿا پر سندن پڙهائيءَ جو شوق به شيئر ڪن ٿا ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ خاص طور تي انجنيئرنگ ۽ سائنس جي شعبن ۾داخلا ورتي آهي.

هن ڪٽنب کي آخرڪار تسليم ڪرڻ ۽ آمريڪي شهرين ڪيرولين ۽ رالف ڪمنز کي رڪارڊ تان هٽائڻ ۾ ٽي سال لڳي ويا.

هن ڪٽنب کي ڊسمبر 2020 ۾ گينيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ پاران اطلاع ڏنو ويو ته انهن جي تصديق مڪمل ٿي چڪي آهي، سرٽيفڪيٽ جو عمل مارچ 2021 ۾ شروع ٿيو ۽ جولاء ۾ حاصل ڪيو.

Read Previous

اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي مان ڪهڙي ٽيم پي ايس ايل 8 ۾ رهندي؟ فيصلو اڄ ٿيندو

Read Next

ٽڪ ٽاڪ ۾ چيني ڪمپني جو شيئر، امريڪا ۾ ايپ تي پابندي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Most Popular