اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي مان ڪهڙي ٽيم پي ايس ايل 8 ۾ رهندي؟ فيصلو اڄ ٿيندو

اسلام آباد يونائيٽيڊ

اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي وچ ۾ پهريون ايليمينيٽر اڄ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ هارائڻ واري ٽيم ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويندي.

اڄوڪي ميچ جي فاتح ٽيم جو مقابلو لاهور قلندرز سان ٿيندو، جنهن کي ڪواليفائرز ۾ ملتان سلطانز شڪست ڏني هئي.

اسلام آباد يونائيٽيڊ لاءِ اهو هڪ ٻيو سٺو سال رهيو آهي، واحد ٽيم جنهن پي ايس ايل جو ٽائيٽل ٻه ڀيرا کٽيو.

پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ 6 مان ٽَي ميچون هارايون، ملتان ۾ کيڏيل واحد ميچ ۾ 52 رنسن تان هارائي وئي، جڏهن ته لاهور قلندرز کي لاهور ۾ 110 رنسن ۽ راولپنڊي ۾ 119 رنسن تان شڪست آئي.

اعظم خان پنهنجي فارم ۾ آهي، وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين 8 اننگز ۾ 162.79 جي اسٽرائڪ ريٽ سان 280 رنسون ٺاهيون.

انهن وٽ ٽي 20 ماهرن جو مضبوط يونٽ آهي، جيڪو هر طرح سان کيڏڻ جي قابل آهي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽيون ڀيرو ٽائيٽل کٽڻ لاءِ سٺو کيڏڻ جي ڪوشش ڪندي.

پشاور زلمي آخري ٽيم هئي، جنهن پلي آف ۾ جاءِ ٺاهي هئي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته انهن وٽ ٽورنامينٽ ۾ باقي ٽن ٽيمن مان ڪنهن کي به چيلينج ڪرڻ جي صلاحيت ناهي.

صائم ۽ بابر اعظم ٽن ميچن ۾ گڏ اوپننگ ڪري چڪا آهن ۽ پهريان ئي 100 کان وڌيڪ رنسون ٺاهي چڪا آهن.

وهاب رياض ڪيترين ئي ميچن ۾ 9 وڪيٽون وٺي سندن سڀ کان ڪامياب بالر رهيو آهي، ان ڪري هو خوشيءَ سان فاسٽ بالرز جي تجربي تي ڀروسو ڪندا.

پلي آف ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ارشد اقبال، عظمت الله عمرزئي، عامر جمال، جمي نيشان سپورٽنگ ڪردار ادا ڪندا.

Read Previous

عمران خان ۽ ٻين خلاف زمان پارڪ ۾ هنگامي جو ڪيس داخل

Read Next

لاڙڪاڻي جي هڪ ڪٽنب گينيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي

Most Popular