ڊجيٽل آدمشماري سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ هڪ ڊرامو آهي، قادر مگسي

قادر مگسي

عمرڪوٽ: ايس ٽي پي چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ هڪ ڊرامو آهي.

عمرڪوٽ ڊسٽرڪٽ بارايسوسيئيشن خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته تڪراري آدمشماري رد ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جا ڪروڙين ماڻهن ڪراچي کي جام ڪري ڇڏيندا.

هن چيو ته تازي آيل ٻوڏ سبب سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو بي گھر ٿيا ۽ 15 لک کان وڌيڪ گھر ڊھي چڪا آهن.

ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڊيجيٽل آدمشماري سنڌ خلاف سازش آهي، پ پ عوام کي بيوقوف بڻائڻ بدران ملتوي ڪرائي.

Read Previous

سنڌ ۾ وفاق جي جاري منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو: شهباز شريف

Read Next

آرٽس ڪائونسل ڪراچي پاران ”قومي آرٽ نمائش“ اڄ17 مارچ تي منعقد ڪئي ويندي

Most Popular