سنڌ ۾ وفاق جي جاري منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو: شهباز شريف

اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪري عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن هتي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق به موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته عوام جي ڀلائي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. سنڌ صوبي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ٿر ڪول منصوبو نه رڳو ملڪ جي توانائي جي ضرورت پوري ڪندو پر خطي ۾ ترقي جا نوان رستا به کوليندو.

Read Previous

توشه خانه فوجداري ڪيس: عمران خان جي درخواست رد، ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار

Read Next

ڊجيٽل آدمشماري سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ هڪ ڊرامو آهي، قادر مگسي

Most Popular