ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن ممڪن ناهي: پرڏيهي وزير

Bilawal bhutto

اسلام آباد: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشمير معاملي جي حل کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جٽادار امن نٿو ٿي سگهي.

او آءِ سي ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي چيئرمين جي حيثيت سان نواڪچوٽ ۾ سي ايف ايم جي ٻن ڏينهن واري 49 هين اجلاس ۾ پنهنجي افتتاحي بيان ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ٺهراءُ ته ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي حق خود اراديت ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جي وعدي کان انڪار ڪيو ۽ ٺڳي ۽ طاقت جو رستو اختيار ڪيو.

هن چيو ته 5 آگسٽ 2019 تي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي ٽن سالن کانپوءِ واضح ٿي ويو ته ان جي نوآبادياتي توسيع جي مهم ناڪام ٿي چڪي آهي.

پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته اهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو ۽ ڪشميري عوام پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندو.

هن چيو ته ڪشمير ۽ پاڪستان جاگرافي، عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت سان جڙيل آهن ۽ پاڪستان ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.

پرڏيهي وزير چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي جي رابطا گروپ ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ سندس خاص نمائندي ڪشميري عوام جي جائز مقصد کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان جي حمايت ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

هن چيو ته مون کي يقين آهي ته او آءِ سي جي رابطا گروپ جو اجلاس بعد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ڪشمير مسئلي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ موثر رٿابندي ڪئي ويندي.

هن آرگنائيزيشن آف اسلامڪ ڪوآپريشن (او آءِ سي) جي فورم تي ماهرن تي ٻڌل هڪ خاص ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي به تجويز ڏني ته جيئن بين الاقوامي فنانس، واپار ۽ ٽيڪسيشن جي ضابطن ۽ ڍانچي ۾ برابري جي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي.

Read Previous

لاهور هائي ڪورٽ پاران زمان پارڪ آپريشن روڪڻ جي حڪم ۾ 3 وڳي تائين واڌ

Read Next

يمنا زيدي ۽وهاج علي جي ڊرامي سيريل “تيري بن” مقبوليت ماڻي ورتي

Most Popular