لاهور هائي ڪورٽ پاران زمان پارڪ آپريشن روڪڻ جي حڪم ۾ 3 وڳي تائين واڌ

لاهور هائي ڪورٽ

لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي گرفتاري لاءِ آپريشن روڪڻ جي حڪم ۾ 3 وڳي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس طارق سليم شيخ اهو حڪم تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جي زمان پارڪ ۾ پوليس ڪارروائي روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران جاري ڪيو.

توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جي گرفتاري جي ڪوشش تي اڳوڻي وزيراعظم جي حمايتين ۽ سڪيورٽي فورسز ۾ جهيڙو ٿيو هو.

ٻڌڻي جي شروعات تي آءِ جي پنجاب عثمان انور چيو ته قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي سبب افراتفري نظر اچي رهي آهي.

خميس ڏينهن چيف سيڪريٽري آفيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ٿيل ملاقات جي حوالي سان هن چيو ته فيصلو ڪيو ويو ته سياسي پارٽي فوڪل پرسن مقرر ڪندي.

هڪ موقعي تي جسٽس سليم شيخ فواد چوڌري کي مخاطب ٿيندي چيو ته سڪيورٽي لاءِ آءِ جي سان رابطو ڪيو وڃي، جيڪڏهن اختيارين تسلي بخش جواب نه ڏنا ته عدالت سان رابطو ڪري سگهو ٿا.

فواد چوڌري عدالت کي ٻڌايو ته پوليس ماڻهن جي گرفتاري تائين پهچ چاهي ٿي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پي ٽي آءِ جي حمايتين وچ ۾ جهيڙي کانپوءِ ڪيس ۾ 500 نامعلوم ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي، قدمن سان ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي حفاظتي ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، عمران خان ٻڌڻي ۾ شرڪت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو.

آءِ جي پنجاب عدالت کي پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري وارنٽ تي فيصلو جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته جسٽس سليم شيخ چيو ته فيصلو 3 وڳي ٻڌايو ويندو ۽ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ نيب کان وصولي جا تفصيل طلب ڪري ورتا

Read Next

ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن ممڪن ناهي: پرڏيهي وزير

Most Popular