عليم ڊار آءِ سي سي ايلٽ پينل آف امپائرز تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

عليم ڊار

ڪرڪيٽ امپائر عليم ڊار جنهن کي ڪرڪيٽ جو بهترين امپائر سمجهيو ويندو آهي، شاندار ڪيريئر کانپوءِ آءِ سي سي ايلٽ پينل آف امپائرز تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان سان تعلق رکندڙ عليم ڊار 2000ع ۾ انٽرنيشنل امپائرنگ جي شروعات ڪئي ۽ هن وقت تائين 435 انٽرنيشنل ميچن ۾ امپائرنگ ڪري چڪو آهي جنهن ۾ ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي 20 شامل آهن.

هو 2004ع کان رٽائرمينٽ تائين آءِ سي سي ايلٽ پينل آف امپائرز جو حصو رهيو، عليم ڊار کي سندس غير معمولي امپائرنگ جي صلاحيتن ڪري تسليم ڪيو ويو ۽ کيس 2009، 2010 ۽ 2011 ۾ ٽي ڀيرا آءِ سي سي امپائر آف دي ايئر قرار ڏنو ويو.

هو 2007 ۽ 2011 ۾ لڳاتار ٻه آئي سي سي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ بيٺو، هن 2010 ۽ 2012 ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پڻ امپائرنگ ڪئي.

54 سالن جي عليم ڊار پنهنجي ڪيريئر دوران سهڪار تي آءِ سي سي ۽ ڪرڪيٽ برادري جو شڪريو ادا ڪيو.

هن چيو ته اهو هڪ ڊگهو سفر رهيو آهي، پر مون ان مان هر طرح لطف اندوز ٿيو آهي، مون کي پوري دنيا ۾ امپائرنگ ڪرڻ جي خوشي ۽ شرف حاصل آهي ۽ مون جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي، اهو مون ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو.

Read Previous

يمنا زيدي ۽وهاج علي جي ڊرامي سيريل “تيري بن” مقبوليت ماڻي ورتي

Read Next

پاڪستان ۾ 2023 جو پهريون پوليو ڪيس ڪي پي ڪي ۾ سامهون اچي ويو

Most Popular