پاڪستان ۾ 2023 جو پهريون پوليو ڪيس ڪي پي ڪي ۾ سامهون اچي ويو

پهريون پوليو ڪيس

اسلام آباد: خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ 2023ع جي پهرين پوليو ڪيس جي تصديق ٿي وئي آهي.

صحت واري قومي وزارت جي ترجمان موجب بنون ضلعي مان هڪ ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، گذريل سال 2022 تائين سڄي ملڪ ۾ پوليو وائرس جا 20 ڪيس سامهون آيا هئا.

پنجاب ۽ سنڌ ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جي 2 ڪروڙ 15 لک 40 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي ويڪسين ڏيڻ جي پنج ڏينهن واري مهم جاري آهي.

ستين قومي مردم شماري جي گڏيل سرگرمين جي ڪري ويڪسينيشن مهم ٻن مرحلن ۾ هلائي پئي وڃي.

پهرين مرحلي ۾ پنجاب جي 13 ضلعن ۽ سنڌ جي 16 ضلعن ۽ اسلام آباد ۾ 17.4 لک کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا.

بلوچستان جي 12 ضلعن ۽ خيبرپختونخواهه جي 26 ضلعن ۾ 41 لک 20 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پيارڻ جو ٻيو مرحلو ايندڙ مهيني جي 3 تاريخ کان شروع ڪيو ويندو.

Read Previous

عليم ڊار آءِ سي سي ايلٽ پينل آف امپائرز تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪپل شرما پنهنجي ساٿين جي شو ڇڏڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

Most Popular