پاڪستان کي چيني بئنڪ مان وڌيڪ 500 ملين ڊالر ملي ويا

Ishaq Dar

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ چيني بئنڪ آءِ سي بي سي مان 500 ملين ڊالرز اچي ويا آهن، جن سان پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو.

16 مارچ تي، ناڻي واري وزارت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي 1.3 بلين آمريڪي ڊالر جي رول اوور سهولت مان فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، جيڪا چيني آءِ سي بي سي طرفان منظور ڪئي وئي هئي.

واضح رهي ته پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي بحاليءَ ۾ نئون رخ اچي ويو آهي، جڏهن ته عالمي قرض ڏيندڙ اسٽاف ليول معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان اڳ نئون شرط رکي ڇڏيو آهي.

هڪ بلين ڊالرن جي ايندڙ قسط کولڻ لاءِ سمورا شرط پورا ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان مبينا طور تي هڪ ٻي رڪاوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارات سميت دوست ملڪن کان 30 جون تائين مالياتي امداد جي لکت ۾ ضمانت گهري آهي.

ناڻي واري وزارت جي عملدارن چيو ته لاڳاپيل دوست ملڪن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرن کي انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ کي لکت ۾خاطري ڪرائڻ گهرجي.

Read Previous

عمران خان توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي ۾ شرڪت لاءِ اڄ اسلام آباد روانو

Read Next

آءِ سي سي روسي صدر پيوٽن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

Most Popular