عمران خان توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي ۾ شرڪت لاءِ اڄ اسلام آباد روانو

پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه ۽ هٽايل وزيراعظم عمران خان توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي ۾ شرڪت لاءِ اڄ اسلام آباد روانو ٿي ويو.

عمران خان اثاثن جا تفصيل لڪائڻ بابت اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي لاءِ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ظفر اقبال جي عدالت ۾ پيش ٿيندو.

اڳوڻي وزيراعظم جو وفد موٽر وي ذريعي راڄڌاني پهچندو، توشاخاني ڪيس جي ٻڌڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ کان جڊيشل ڪمپليڪس منتقل ڪئي وئي، چيف ڪمشنر آفيس منتقلي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف اسلام آباد پوليس جي ترجمان ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته وفاقي راڄڌاني ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته پرائيويٽ ڪمپنين، سيڪيورٽي گارڊز ۽ فردن تي هٿيار کڻي وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ شهرين کي چيو ويو آهي ته سفر دوران ضروري دستاويز گاڏي ۾ کڻي وڃن.

پي ٽي آءِ جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان جاري ڪيل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پي ٽي آءِ جا حامي زمان پارڪ ۾ عمران خان جي قافلي کي اسلام آباد پهچڻ لاءِ گڏ ڪري رهيا آهن.

Read Previous

ڀٽ شاهه ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڊجيٽل آدمشماري خلاف ڀٽائي جي مزار تائين ريلي

Read Next

پاڪستان کي چيني بئنڪ مان وڌيڪ 500 ملين ڊالر ملي ويا

Most Popular