اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪولن منرو تي پي ايس ايل جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو

لاهور: پاڪستان سپر ليگ ڪواليفائر 1 ۾ پشاور زلمي هٿان هارائڻ بعد ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪولن منرو تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو آهي.

ڪولن منرو کي آرٽيڪل 2.2 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڏوهي قرار ڏنو ويو، جيڪو ڪرڪيٽ جي سامان يا ڪپڙن، گرائونڊ سامان يا فڪسچرز ۽ فٽينس جي غلط استعمال سان تعلق رکي ٿو، سلمان ارشاد جي بال تي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ هن بيٽ سان اسٽمپ کي نشانو بڻايو.

ڪولن منرو الزام قبول ڪري ورتو ۽ ميچ ريفري روشن مهاناما جي تجويز ڪيل سزا قبول ڪري ورتي.

اهو الزام فيلڊ امپائر احسن رضا ۽ فيصل آفريدي، ٿرڊ امپائر ايلڪس هارف ۽ چوٿين امپائر راشد رياض لڳايو، جيتوڻيڪ ڪولن منرو ڏوهه قبول ڪيو هو، ان لاءِ باضابطه ٻڌڻ جي ضرورت نه هئي.

Read Previous

پي ايس ايل 8 جو فائنل اڄ لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ کيڏيو ويندو

Read Next

شاهه رخ خان جي فلم پٺان 22 مارچ تي ايمازون پرائم تي رليز ٿيندي

Most Popular