پي ايس ايل 8 جو فائنل اڄ لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ کيڏيو ويندو

پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 8 جي فائنل ۾ اڄ لاهور قلندرز جو مقابلو ملتان سلطانز سان ٿيندو.

فائنل ميچ آچر تي ٿيڻي هئي پر لاهور ۾ خراب موسم سبب اها ملتوي ڪئي وئي، جڏهن ته موسميات کاتي پنجاب جي راڄڌاني سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

هن ايڊيشن ۾ ملتان سلطانز ۽ لاهور قلندرز چوٿون ڀيرو آمهون سامهون ٿينديون، گذريل ٽن ميچن ۾ لاهور قلندرز ٻه ڀيرا فتح حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته ملتان سلطانز اربع تي کيڏيل ميچ ڪواليفائر ۾ شڪست ڏني هئي.

شاهين شاهه آفريدي جي ٽيم گذريل سال محمد رضوان جي بليو فورس کي شڪست ڏئي پي ايس ايل 7 جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.

Read Previous

وزيراعظم شهباز شريف عليم ڊار جي شاندار خدمتن کي ساراهيو

Read Next

اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪولن منرو تي پي ايس ايل جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو

Most Popular