زمان پارڪ مان پيٽرول بم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا، آءِ جي پنجاب

Dr Usman Anwar

آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي رهائشگاهه تي آپريشن جو دفاع ڪندي چيو آهي ته عدالتي حڪم تي قانوني ڪارروائي ڪئي وئي.

پنجاب جي نگران اطلاعات واري وزير عامر مير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي پنجاب جو چوڻ هو ته پوليس جي گاڏين تي پيٽرول بم اڇلائڻ ۾ ملوث شرپسندن جا سرچ وارنٽ حاصل ڪيا ويا.

هن وڌيڪ چيو ته سرچ وارنٽ واري معاملي تي پي ٽي آءِ قيادت سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، زمان پارڪ مان پيٽرول بم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا.

آءِ جي پنجاب وڌيڪ چيو ته گرفتار اهلڪارن کي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، مان خاطري ڪرايان ٿو ته گرفتار ٿيلن سان ڪابه زيادتي نه ڪئي ويندي، ڪنهن به بيگناهه کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي.

Read Previous

عمران خان جي رهائش گاهه تان پوليس خلاف استعمال ٿيل موادهٿ، 40کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار

Read Next

زمان پارڪ ۾ نو گو ايريا ڪليئر ڪيو ويو آهي، راڻا ثناءُ الله

Most Popular