زمان پارڪ ۾ نو گو ايريا ڪليئر ڪيو ويو آهي، راڻا ثناءُ الله

راڻا ثناءُ الله

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ نو گو ايريا ڪليئر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زمان پارڪ جي رهائشي علائقي ۾ پوليس داخل ناهي ٿي.

گهرو وزير چيو ته زمان پارڪ ”نو گو زون“ بڻجي چڪو هو، جيڪو هاڻي پوليس ڪليئر ڪيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي رهائشگاهه ڀرسان حددخلين سبب شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي ته پوليس شرپسندن خلاف آپريشن ڪيو جن بيگناهه اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان مخالفن سان ويهڻ لاءِ تيار ناهي، سندس ذهنيت سڀني جي سامهون آهي.

ٻئي طرف پنجاب جي نگران سڌ سماءَ واري وزير عامر مير جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن تي حملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف آپريشن ڪيو ويو.

Read Previous

زمان پارڪ مان پيٽرول بم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا، آءِ جي پنجاب

Read Next

اسلام اباد جوڊيشل ڪمپليڪس مان ٽي وي چينلن تي سڌيءَ ريت نشريات تي پابندي

Most Popular