پي ايس ايل 2023: شاهد آفريدي پاران ملتان سلطانز کي هارائڻ تي لاهور قلندرز جي واکاڻ

شاهد آفريدي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اٺين ايڊيشن ۾ ملتان سلطانز کي شڪست ڏيڻ تي لاهور قلندرز کي مبارڪباد ڏني آهي.

قذافي اسٽيڊيم ۾ ملتان کي هڪ رنس تان شڪست ڏئي لاهور پهرين ٽيم بڻجي وئي, جنهن ڪاميابيءَ سان پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪيو ۽ ٽرافي گهر کڻي وئي.

201 رنسن جي ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي ملتان سلطانز حدف حاصل ڪرڻ جي تمام ويجهو آئي پر هڪ رنس تان هارائي وئي.

شاهد آفريدي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي لاهور کي شاندار فتح ۽ پي ايس ايل چيمپيئن بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني.

شاهد آفريدي چيو ته لاهور قلندرز کي پي ايس ايل چيمپيئن بڻجڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ سڄي ٽورنامينٽ ۾ سٺي راند کيڏي.

پي ايس ايل انتظاميا جي واکاڻ ڪندي اڳوڻي پي سي بي عبوري چيف سليڪٽر چيو ته شاندار ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ تي انتظاميا کي مبارڪون، جتي ميچون آخر تائين جاري رهيون.

Read Previous

ن ليگ ۽ پ پ 30 اپريل تائين پنهنجا ڪيس بندڪرائين يا جيل وڃن: شيخ رشيد

Read Next

پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفي سياسي مشاورتي اجلاس ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون

Most Popular